هرنائي ۾  آپريشن، بي ايل اي جا 6 دهشتگرد مارجي ويا

هرنائي ۾ آپريشن، بي ايل اي جا 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز هرنائي ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي بي ايل اي جا 6 دهشتگرد مارجي ويا.سڪيورٽي ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز 12 سيپٽمبر تي بي ايل اي جي ٺڪاڻن تي گڏيل آپريشن ڪامياب ڪيو.ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ شفو سمالاڻي عرف تادين، سرمد خان عرف دستين، محمد گل مري عرف وحيد بلوچ شامل آهن. مارجي ويل دهشتگردن ۾ غلام قادر مري عرف انجير بلوچ، عبيد بلوچ عرف فدا، تاج محمد عرف بابل شامل آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ بيگناهه ماڻهن تي سڌي ريت حملن ۾ ملوث هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو