جهوڪ شريف(رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ڳاٽي ٽور مهنگائي،ڌاڙيل ڪلچر ۽ سنڌ ۾ امن بحال ڪرائڻ لاء ثمرحيدر جتوئي،احمدنواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪري سجاول ٽنڊو محمدخان روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو امن هٿ وٺي تباه ڪيو ويو ڪو ماڻهو پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجهن روزاني جي بنياد اغوا ڪيا پيا وڃن رياست جي رٽ ڏسڻ ۾ نٿي اچي ڌاڙيل کي ڇوٽ ڏني ويئي آهي سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر خلاف گرينڊ اپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي قانون کان مٿاهون ڪو به قدم برداشت نه ڪنداسين سمورن اغوا ٿيل ڌرتي ڌڻين جي بازيابي جي مطالبو ڪيون ٿا اڳواڻن چيو ته ملڪ کي مهنگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو حڪمرانن ڪرپشن ڪري معيشيت تباه ڪري ڇڏي آهي حڪمران وٽ هاڻي ڪو به معاشي پلان ناهي شين جا اگه روزاني جي بنياد تي وڌي رهيا آهن ملڪ ڪرنسي جي قدر گهٽ ٿي رهي آهي عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي پيٽرول،بجلي جي بلن تي لڳايل ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا عوام دشمن ڪا پاليسي سنڌ هاري ڪاميٽي قبول نه ڪندي آء ايم ايف سان عوام دشمن ڪيل معاهدا ختم ڪرڻ جي گهر ڪريون ٿا سنڌ هاري ڪاميٽي جي پرامن جدوجهد جاري رهندي۔
