هاري ڪاميٽي جي وفد جي ڀٽائي جي درگاه تي حاضري

حيدرآباد(رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي،احمدنواز انقلابي وفد جي صورت ۾ دنيا جي عظيم مفڪر ۽ شاعرن جي سرتاج شاه عبدالطيف ڀٽائي جي درگاه تي چادر چاڙهي دعا گهري ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاه سائين جو فڪر دنيا اندر امن سلامتي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي شاه عبدالطيف ڀٽائي دنيا برابر جو درس ڏئي ٿو شاه لطيف جون سورميون عورتون آهن شاه لطيف هن جاگيرداراڻي ڀوتارڪي هن ظلم جبر واري معاشري جي خلاف هو شاه لطيف هن معاشري اندر عورت کي پڙهيل لکيل بااختيار ڏسڻ پئي چاهيو شاه لطيف دنيا جو وڏو فيمنسٽ شاعر هو سنڌ جي ماڻهن کي شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سائنٽفڪ فڪر کي حقيقي معني سمجهڻ جي ضرورت آهي شاه لطيف جي شاعري جي سٽ سٽ هڪ نئون رستو ڏيکاري ٿي هنن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي شاه لطيف ڀٽائي جي شاعري کي سمجهڻ لاء اسٽڊي سرڪل هلائي تفصيل سان سمجهڻ جي ضرروت آهي شاه عبدالطيف ڀٽائي جو فڪر انقلاب جي راه ڏسي ٿو هو ظلم جبر جا بت ٽوڙهي ڇڏي ٿو ڀٽائي سائين چوي ٿو وڏو ماڻهو اهو جنهن جو ڪردار عظيم هجي جيڪو پنهنجي وطن ڌرتئ سان بيٺل هجي شاه عبدالطيف ڀٽائي کي عرس جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو