اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن جو ڊيوٽي لسٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي ڪيس ٻڌڻ لاءِ 6 جج موجود هوندا.جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ايندڙ هفتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود نه هوندا.جسٽس بابر ستار هڪ مهيني جي موڪل وٺي ڇڏي.چيف جسٽس عامر فاروق جسٽس بابر ستار جي 30 سيپٽمبر کان 29 آڪٽوبر تائين موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار (اسٽيبلشمينٽ) اعجاز احمد ان حوالي سان اڳ ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جسٽس بابر ستار جي هڪ مهيني جي موڪلن تي ٻڌل ڪاز لسٽ به رد ڪري ڇڏي آهي.ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ 6 سنگل ۽ 3 ڊويزن بينچ جوڙيا ويا آهن.چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ۽ اسپيشل ڊويزن بئنچ به موجود هوندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فوق جي منظوري سان ڊپٽي رجسٽرار جڊيشل ججز ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.










