لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن پاران ايندڙ عام چونڊن لاءِ جنوري جي ٻئي هفتي ۾ منشور پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. مختلف شعبن جي ماهرن پاران منشور جي تياري لاءِ پورٽل تي تجويزون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ذريعن موجب ن ليگ جي سينيئر اڳوان عرفان صديقي جي سربراهي ۾ منشور ڪاميٽي پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي. منشور ۾ مختلف شعبن جي حوالي سان نقطا شامل ڪيا پيا وڃن. مسلم ليگ ن پاران منشور جي تياري لاءِ عوام کان تجويزون وٺڻ لاءِ پورٽل جاري ٿيڻ کان پوءِ مختلف شعبن جا ماهر به پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪري رهيا آهن. جن جو منشور ڪاميٽي جائزو وٺي رهي آهي. ن ليگ پاران جنوري جي ٻئي هفتي ۾ باقائدي پريس ڪانفرنس ۾ منشور جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.










