ن ليگ سنڌ ۾ باضابطا چونڊ مهم شروع ڪري پئي: ڪوهستاني

ن ليگ سنڌ ۾ باضابطا چونڊ مهم شروع ڪري پئي: ڪوهستاني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مسلم ليگ (ن) سنڌ اقليتي ونگ جي صدر کيئل داس ڪوهستاني جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ باضابطا چونڊ مهم شروع ڪرڻ واري آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪوهستاني چيو آهي ته مسلم ليگ ن لياري، ڪيماڙي، ملير ۽ ڪورنگي ۾ به ورڪرز ڪنوينشن منعقد ڪندي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پهريون ورڪرز ڪنوينشن 15 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندو، جڏهن ته نوشهروفيروز، سانگهڙ، ميرپورخاص ۾ به مسلم ليگ ن جو ورڪرز ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو.کيئل داس ڪوهستاني جو چوڻ آهي ته نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ به جلسا منعقد ڪيا ويندا.سندس چوڻ آهي ته ڪنوينشن کي بشير ميمڻ، نهال هاشمي ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.ڪرسمس، قائداعظم ۽ نواز شريف جي سالگرهه جون تقريبون به 20 کان 25 ڊسمبر تائين ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو