جڙانوالا واقعي جي مذمت، گڏيل مذهبن جي هم آهنگي تي زور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جڙانوالا واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عدم برداشت ۽ پرتشدد انتهاپسندي اسلام جي اصولن جي خلاف آهي. جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ نگران وڏي وزير چيو ته جڙانوالا واقعي تي ڏک پهتو آهي، اهڙن واقعن سان اسان جي سماج ۽ ملڪ جي بدنامي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڀائيچارو پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ گهرجي. جسٽس باقر مختلف مذهبي اڳواڻن ۽ ٻين پيشوائن تي زور ڀريو ته اهي مختلف عقيدن جي ماڻهن ۾ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳتي اچن.ان کان اڳ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر ڏنو ويو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وقتي آءِ جي پوليس عمران يعقوب منهاس، صوبائي سيڪريٽريز ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري نگران وڏي وزير سان آفيسرن جو تعارف ڪرايو. نگران وڏي وزير باضابطا طور پنهنجو عهدو سنڀالي سرڪاري ڪم شروع ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو