ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران ڪراچي جي سر سيد پوليس اسٽيشن جو اوچتو دورو ڪري ٿاڻي ۾ ڪيس پراپرٽي طور رکيل موٽرسائيڪلز ۽ رجسٽر به چيڪ ڪيا،وڏي وزير ايس ايس پي کي ٻين ٿاڻن جي انسپيڪشن ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون، نگران وڏي وزير لاڪ اپ ۾ قيد چوري ڪيس جي جوابدار کان واقعي جا تفصيل به معلوم ڪيا،وڏي وزير مقبول باقر نيو ڪراچي ۾ چلڊرين اسپتال جو اوچتو دورو به ڪيو، وڏي وزير اسپتال ۾ علاج معالجي جي سهولتن جو جائزو ورتو
