نگران وزير جو ملازمن خلاف پيل ڪيسن جي تفصيل طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري نگران وزير ايشور لعل کاتي جي مختلف شعبن جي سربراهن کان کاتي جي ملازمن جي خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ جاري تحقيقات ۽ هيٺ پيل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. نگران آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ايشور لعل جي هدايت تي سمورن لاڳاپيل چيف انجنيئرن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن ۽ ٻين سربراهن کي لکيل هڪ مراسلي ۾ هدايت ڏني وئي ته هو کاتي جي ملازمن جي خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ جاري تحقيقات ۽ هيٺ پيل ڪيسن جي تفصيل 30 آگسٽ تائين جمع ڪرائي ڇڏين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو