نگران سنڌ حڪومت مڪمل طور تي غير جانبدار آهي :محمد احمد شاهه

نگران سنڌ حڪومت مڪمل طور تي غير جانبدار آهي :محمد احمد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي حوالي سان سنڌ جي نگران اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير محمد احمد شاهه سان گڏ نگران قانون واري وزير عمر سومرو ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب اڄ احمد پرويز آرٽ گيلري آرٽس ڪائونسل ۾ علي عظمت پاران ٺاهيل قائداعظم جي تصويرن ۽ فن جي نمائش جو افتتاح ڪيو ويو. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ فن جي شوقينن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه چيو ته هو ميڊيا جي مهرباني جو هو هتي آيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جون تقريبون گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته اسان کي ٿورو شرم اچڻ گهرجي ته قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير موجب پاڪستان کي قائداعظم جو پاڪستان نه بڻائي سگهيا آهيون. محمد احمد شاهه چيو ته ڀارتي حڪومت ۽ هاڻ ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هاڻي ڀارت ۾ هندوتوا جو پردو مڪمل طور تي وائکو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن سان جنهن طرح سان سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ان کانپوءِ هاڻي اسان کي قائد اعظم جي پاڪستان کي مضبوط ڪرڻو پوندو، جتي هر قوم، هر مذهب جي ماڻهن کي آزاديءَ سان جيئڻ ۽ زندگي گذارڻ جا برابر موقعا هجن. احمد شاهه چيو ته اسان کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي جنهن ذريعي اسان پنهنجي قومي تشخص کي بلند ڪري سگهون ٿا. ان موقعي تي هڪ سوال جو جواب ڏيندي سيڪريٽري ثقافت چيو ته سياحتي ماڳن کي صرف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي، باقي سمورا اختيار سنڌ حڪومت وٽ هوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه چيو ته نگران سنڌ حڪومت مڪمل طور تي غير جانبدار آهي ۽ اليڪشن جا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هن ڪتاب ميلي ۾ مختلف پارٽين جي عهديدارن سان ملاقات ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي اڳواڻن جي بيانن تي جتي ضرورت پوي ٿي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت بسن لاءِ رقم جاري ڪئي آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير ان حوالي سان اعليٰ سطحي رابطو ڪيو آهي ۽ معاملي کي جلد کان جلد حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي قانون واري وزير عمر سومرو پنهنجي تقرير ۾ علي عظمت جي تصويرن کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته باني پاڪستان محمد علي جناح جهڙي مضبوط اعصاب رکندڙ شخص اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو. هن چيو ته ڪرسمس ۽ قائداعظم جي سالگرهه هڪ ئي موقعي تي هوندي آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي گڏجي ڪرسمس ۽ قائداعظم جي سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪندا. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان کي قائداعظم جي نظريي موجب پاڪستان ٺاهڻو آهي. هن چيو ته مصور پنهنجي تصويرن ۾ قائداعظم جي شخصيت کي شاندار انداز ۾ پيش ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو