نگرانن کي زمينون ڪنھن کي به الاٽ ڪرڻ جو ڪو اختيار ناھي

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي سيڪريٽري وڪيل اسماعيل خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ مصطفي چانڊيو ۽ علي نواز ڏاھري سنڌ جون زمينون مختلف نالن ۾ ڌارين کي الاٽ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جون زمينون سنڌي ھارين جي ملڪيت آھن، جيڪي سنڌ جي بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جتي سنڌ جو ھاري ويھڻ جي پلاٽ لاءِ دربدر آھي ۽ ھن وٽ روزگار لاءِ ھڪ ايڪڙ زمين جو ناھي اتي وري سنڌ جو حڪمران ٽولو سنڌ جو زمينون ڌارين کي پيو ڏي. نگران سرڪار کي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. سنڌ جي زمينن تي قبضن وارا فيلصلا سنڌ جي وجود تي وار برابر آهن. سنڌي ھاري تحريڪ اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿي ڪري ته زمينون ھارين کي حوالي ڪري کين مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زمينن جو اصل وارث سنڌي ھاري آھي. سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھن وقت جڏھن ڪڻڪ ۽ ڀاڄين جي پوکائي جاري آهي، اتي سيٺين ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ جي ھٿرادو کوث پيدا ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي معاشي تباھي پاسي ڌڪيو پيو وڃي. سنڌي ھاري تحريڪ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿي ڪري ته سمورن ضلعن جي ڊي سيز کي مقرر اگھ تي ڀاڻ جي وڪري لاء پابند ڪن ته جيئن ننڍو آبادگار ۽ ھاري سيٺين ۽ انتظاميا جي ڳٺجوڙ کا بچي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو