نگران حڪومت غير ملڪين کي نيڪالي بدران تحفظ پئي ڏي

حيدرآباد (ن س) سنڌ جي نگران حڪومت لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ ڏيڻ ۾ پوري آهي. ڪراچي ۾ چاليهه لک کان وڌيڪ افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي رهن ٿا، جن کي واپس موڪلڻ لاءِ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ واضع فيصلو به ڏنو آهي. ان جي باوجود ملڪ دشمن سرگرمين ۽ خودڪش بمبارن کي واپس نٿو موڪليو وڃي. سنڌ حڪومت افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي واپس موڪلڻ لاءِ چار ارب روپيا رکيا آهن ان جي باوجود افغانين خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اوڀايو جوڻيجو ۽ محمد علي ٽالپر پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته ميڊيا جي رپورٽن مطابق هيستائين ڪراچي شهر مان پنجن ڏينهن ۾ صرف 328 ڄڻا ڊي پورٽ ڪيا ويا آهن ۽ 66 افغاني ڪئمپ ۾ ويهارياويا آهن. جڏهن ته چاليهه لکن کان وڌيڪ افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي ڪراچي ۾ رهن ٿا. ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پريس ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو هو ته سنڌ ۾ لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نادرا طرفان ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ پوليس کي پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪراچي جي علائقن سهراب ڳوٺ، ال آصف اسڪوائر، بنارس چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ڪرمنل افغانين پوليس تي حملا ڪيا آهن. ڊي آءِ جي ڏکڻ ڪراچي چوي ٿو ته صدر ۾ ڏوهاري افغانين، پوليس سان مُنهن ماري ڪئي آهي. سنڌ جي پوليس کي ملڪ جي سالميت لاءِ خطرناڪ افغانين جي اڳيان بيوس بڻايو ويو آهي. ڪوٽڙي ۾ هزارين افغاني موجود آهن. جن خلاف به ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته عوام جي ٽئڪس مان رينجرس کي سنڌ جي بجيٽ مان ساليانو اربين روپيا ڏنا وڃن ٿا، رينجرس ماڙي جلباڻي ۾ معصوم بيگناه سنڌين کي مارڻ لاءِ ته تيار آهي پر ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ڏوهارين ۽ خودڪش حملا ڪندڙ افغانين خلاف پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. وفاقي توڙي سنڌ حُڪومت جي ان پاليسي مان لڳي ٿو ته ٻين صوبن مان افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏئي سنڌ ۾ رهايو ويندو. ڪراچي ۾ افغان بستين کي اڃان تائين ناهي ڊاٺو ويو جڏهن ته پنجاب ۽ اسلام آباد سميت ٻين صوبن ۾ افغانين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن چيو ته وفاقي حُڪومت ۽ نگران سنڌ حُڪومت جو سنڌ سان اهو رويو ناقابل برداشت آهي. سنڌ کي افغانستان بنائڻ ۽ سنڌين کي خودڪش بمبارن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جي مجرمانه پاليسي تي عمل ڪري سنڌي قوم کي ديوار سان لڳائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ افغانين خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ وارو فيصلو ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن آهي. وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت طرفان صرف هڪڙي صوبي سنڌ ۾ اهڙي فيصلي ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن. اڳواڻن چيو ته افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ سنڌي عوام پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو