نگران حڪومت عوام کي رليف بدران تڪليف ڏني آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران معاشي مسئلن ۾ اضافو ڪري رهي آهي، امتياز شيخ بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو ناقابل برداشت ٿي ويو آهي،فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان عوام جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته سنڌ وفاق کي متبادل توانائي ۽ ٻين ذريعن کان سستي بجلي فراهم ڪري ٿي،ان جي بدلي ۾ وفاقي حڪومت عوام کي مهانگي بجلي ڏئي ٿي، سنڌ مان نيشنل گرڊ کي 8 هزار کان 10 هزار ميگا واٽ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي پر وفاقي حڪومت عوام کي ڪنهن به قسم جو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي،امتياز شيخ چيو ته هو بجلي چورن خلاف آپريشن جي حمايت ڪیون ٿا پر جيستائين کاتي ۾ ويٺل ڪرپٽ آفیسرن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي اهڙي آپريشن جو ڪو به فائدو ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو