نگران حڪومت شفاف چونڊن لاءِ ڪردار ادا ڪري: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ نگران حڪومت شفاف چونڊون يقيني بنائڻ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري. پيپلز پارٽي جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ حڪمران خوشحال آھن. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي گذريل خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ کنڊر بنيل آھي. غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ نوجوان ۽ عورتون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. 15 سال مسلسل اقتدار جا تمام وڏو عرصو آھي، ان عرصي ۾ جيڪڏھن پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ ھر ضلعو ماڊل بنجي وڃي ھا، بھترين ڊرينيج سسٽم ھجي ھا، صفائي جو نظام بھترين ھجي ھا، اسڪول مال جا وٿاڻ ھجڻ بدران اعليٰ تعليمي درسگاھون ھجن ھا، وڏا شھر آئي ٽي سٽي جي سڃاڻپ بنجي چڪا ھجن ھا، روزگار جا بيشمار وسيلا ھجن ھا، زرعي معيشت پنھنجي پيرن تي بيٺل ھجي ھا، بنيادي صحت مرڪزن ۾ بھترين علاج جون سھولتون ھجن ھا پر جمھوريت ۽ اٽي، لٽي ۽ اجھي جي نالي ۾ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جي ڪروڙين عوام سان دوکو ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي نگران حڪومت پ پ پ حڪومت جو تسلسل ثابت ٿي آھي. پ پ پ جا اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڃا تائين سرڪاري پروٽوڪول ۾ ھلي رھيا آھن. اڳوڻن وزيرن کان اڃا تائين گاڏيون ۽ گھر واپس نہ ورتا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شفاف چونڊون ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگھن ٿيون. زبردستي مسلط ڪيل حڪمران عوام لاءِ سوچڻ بدران صرف اقتداري ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا، جنھن ڪري اسين مسئلن ۾ جڪڙيل آھيون. مھانگائي، بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ محرومي عوام جا مقدر بنايا ويا آھن. ماڻھو تعليم جي حق کان محروم آھن. صحت ۽ بھتر علاج کان محروم آھن. امن امان خواب بڻيل آھي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو