نگران حڪومت بجلي جي اگهن ۾  20 رپيا گهٽتائي ڪري

نگران حڪومت بجلي جي اگهن ۾ 20 رپيا گهٽتائي ڪري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي بجلي واري وزير امتياز شيخ بجلي جي بلن ۾ واڌ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عوام مهانگو بجلي جا بل ادا نٿو ڪري سگهي، نگران حڪومت فوري طور تي بجلي جي اگهن ۾ 15 کان 20 رپيا گهٽتائي ڪري.هڪ بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ تي عوام جو احتجاج پريشان ڪندڙ آهي.گهريلو صارفين لاءِ رليف جي حد 200 يونٽن مان وڌائي 300 يونٽ ڪئي وڃي، جڏهن ته آفيسرن ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ مفت بجلي جي سهولت ختم ڪئي وڃي.هن چيو ته عوام بجلي جي مهانگي بلن جو بار ۽ آءِ ايم ايف کان معاهدو برداشت نٿو ڪري سگهي، نگران حڪومت فوري طور تي بجلي جي اگهن ۾ 15 کان 20 رپيا گهٽتائي ڪري. اڳوڻي توانائي واري وزير چيو ته بجلي جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس فوري طور واپس ورتو وڃي، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ماضي ۾ به بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو