نيگليريا پاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ جراثيم آهي: سعد خالد نياز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، سوشل ويلفيئر ۽ رورل ڊولپمينٽ سنڌ جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته نيگليريا هڪ خطرناڪ جراثيم آهي جيڪوپاڻي ذريعي پکڙجي ٿو، جنهن کان بچڻ جو واحد حل روزانو استعمالٿيندڙ پاڻي ۾ ڪلورين جو شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڻي ۾ مخصوص ڪلورينيشن ذريعي نيگليريا کي روڪڻ ممڪن آهي. ماڻهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي ته وضو ۽ غسل دوران نڪ ۾ پاڻي داخل نه ٿئي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي مفتين ۽ عالمن فتوا ۽ هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن. هن چيو ته هن سال نيگليريا سبب هن وقت تائين 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري سوئمنگ پولز ۾ ڪلورين جي مخصوص مقدار جو استعمال لازمي آهي. جڏهن ته واٽر سپلاءِ جا ادارا به شهر کي فراهم ٿيندڙ پاڻي ۾ ڪلورين جي استعمال جو جائزو وٺن، ڇو ته احتياطي تدبيرون انتهائي ضروري آهن ته جيئن خدانخواسته نيگليريا سان وڌيڪ موت نه ٿين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو