نيڪٽا ۽ صوبن وچ ۾ رابطا بهتر بڻائڻ جو فيصلو

نيڪٽا ۽ صوبن وچ ۾ رابطا بهتر بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ نيڪٽا ۽ صوبن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته نيشنل فيوزن سينٽر موثر رابطن لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.اجلاس دوران بريفنگ ڏني وئي ته هلندڙ سال آڪٽوبر تائين 7984 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ 206 دهشتگرد مارجي ويا.سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهيل تنظيمن جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ جامع قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته پي ٽي اي جي سهڪار سان دهشتگرد گروپن جا اڪائونٽ بلاڪ ڪيا ويندا.اجلاس ۾ پي ٽي اي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جي اختيارين کي موثر ميڪنزم پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.اجلاس ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهن، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪارڪردگي وڌائڻ ۽ سمورن صوبن جي پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي.گهرو وزير محسن نقوي اعلان ڪيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ضرورتن کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو ويندو ۽ سمورن ادارن کي هدايت ڪئي ته گهرو وزارت کي 7 ڏينهن اندر ضرورتن بابت رپورٽ موڪلي.هن اهو به چيو ته نيڪٽا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قيادت جو ڪردار ادا ڪندو، نيڪٽا ۾ سڌارا شروع ڪيا ويا آهن، ان جو اصل ڪردار بحال ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو