نيپيئر ۾ پوليس مقابلو، 3 جوابدار مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نيپيئر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 3 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ شهري به مارجي ويو.پوليس موجب، عيد گاهه واري علائقي ۾ 3 جوابدار شهري کي ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته مقابلي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شهري مارجي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.ٻئي طرف ڊفينس فيز 7 ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ زخمي سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار وٽان پستول، موبائل فون، پرس ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو