نيوي جي ڪاروائي، غير ملڪي شراب جي اسمگلنگ ناڪام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيوي، ڪسٽمز انٽيليجنس ۽ انويسٽيگيشن ڊائريڪٽوريٽ گوادر گڏيل آپريشن ذريعي ڪُنڊ ملير جي علائقي ۾ پرڏيهي شراب جون 5400 بوتلون پاڪستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪيل ڪاروائي دوران پڪڙيل شراب جي ماليت 7 ڪروڙ  5 لک روپيا ٻڌائي وڃي ٿي. پاڪستا نيوي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني سمنڊ اندر غيرقانوني سرگرمي کي بروقت روڪڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته پاڪستان نيوي هر وقت الرٽ آهي ۽ سامونڊي حدن اندر غير قانوني سرگرمين تي ڪڙي نظر آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو