نيون تڪبندين تي گرينڊ الائنس کي اعتراض آهن: راشد محمود

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪافي عرصي کان پاڪستان ۾ نئين سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن، تازو اليڪشن ڪميشن طرفان نيون تڪبنديون ڪيون ويون آهن جنهن تي گرينڊ الائنس کي اعتراض آهن ڇاڪاڻ ان کان اڳ سنڌ ۾ گرينڊ الائنس ۾ شامل ايم ڪيو ايم، ۾ ليگ، جي يو آءِ ۽ ٻين پارٽين سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر ٽي اعتراض ڪندي ان کي هٽائڻ جي گهر ڪئي هئي. هن چيو ته گرينڊ الائنس ۾ شامل سمورن جماعتن تڪبندين تي اعتراض ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان کي ردي جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ هڪ به اعتراض کي نه ٻڌو ويو، جي يو آءِ اليڪشن ڪميشن کي ڌر سمجهي ٿي ڇاڪاڻ تڪبندين تي صرف پيپلز پارٽي جي اعتراضن کي ٻڌو ويو ان لاءِ ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن اندر سمورن جماعتن کي گهرائي تڪبندين واري معاملي تي حڪمت عملي جوڙينداسين

پهنجو تبصرو موڪليو