نيلم ڪالوني ۾ آپريشن، 14 افغاني گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن نيلم ڪالوني ۾ ڪومبنگ آپريشن دوران 14 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار افغان شهري غير قانوني طور پاڪستان آيا هئا، جن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن وٽ سفري دستاويز نه هئا.واضح رهي ته پاڪستان غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ 31 آڪٽوبر تائين جي مهلت ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو