ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ نوشهروفيروز ضلعي جي 69 پوليس اهلڪارن کي ڪشمور ضلعي ڏانهن بدلي ڪري ڇڏيو بدلي ڪيل 69 اهلڪار ڪشمور ضلعي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن دوران مختلف ڊيوٽيز سرانجام ڏيندا، بدلي ٿيندڙ اهلڪارن کي گهرن مان بسترا ۽ 4 سولين جوڙا کڻي اچڻ جي به هدايت ڪئي وئي،نوشهروفيروز مان ڪشمور بدلي ڪيل اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سپاهي شامل آهن
