ڪنڊيارو (ن س)ڪنڊيارو جي ڳوٺ لائق جتوئي واسين پاران گمبٽ جي اسپتال انتظاميا تي نوجوان مريض کي تشدد ڪري مارڻ جا الزام هنيا ويا آهن،وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران محبت ديرو کان ڪنڊيارو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،وارثن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوجوان طارق جتوئي علاج لاءِ گمبٽ ويو هو، اسپتال انتظاميه موبائيل فون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ طارق کي تشدد جو نشانو بڻائي ماري ڇڏيو، طارق کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ايڌي حوالي ڪري لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو،پوليس طارق جي قبر ڏيکارڻ لاءِ به رشوت گهري رهي آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ۽ نوجوان جو لاش هٿ ڪرڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي
