نوجوان عورت مڙس ۽ ساهرن تي تذليل جو الزام،تحفظ ڏيڻ جي اپيل

جيڪب آباد: (ن س) جيڪب آباد ۾ نوجوان عورت مڙس ۽ ساهرن مٿان تذليل جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي. گلاب ماڇي جي رهواسڻ عورت مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پهتي، جتي هن مڙس ۽ ساهورن تي مُنهن ڪارو ڪرڻ جا الزام مڙهيا.جان بيبي الزام مڙهيندي چيو ته مڙس، سس ۽ نڻان بدترين تشدد ڪرڻ بعد تذليل جو نشانو بڻايو آهي. اڳ ۾ به تشدد ڪيو ويندو هو. جان بيبي اختيارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.ناري چيو ته زندگي کي خطرو آهي، مڙس ۽ ان جا وارث مون کي قتل ڪري ڇڏيندا جنهن ڪري مون انصاف سان گڏوگڏ تحفظ به فراهم ڪيو وڃي.پوليس موجب ناري جان بيبي پناهه وٺڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي آهي. جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو