قاضي احمد (ن س )قاضي احمد ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي،ڳوٺ جادو جوڻو واسين پوليس ٿاڻي جي مکُ گيٽ آڏو قومي شاھراهه تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو،مظاهرين دانهيو ته 22 ڏينھن اڳ جوابدارن غلام شبير جوڻو، دوسو جتوئي، ڪبير جوڻو، وزير جوڻو اسان جي نوجوان فدا حسين جوڻو جا ھٿ پير ٻڌي کيس قتل ڪيو ۽ لاش وڻ ۾ ٽنگي فرار ٿي ويا،جوابدارن مٿان ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪرايو آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو،ھنن چيو ته قاضي احمد پوليس قتل جي واقعي ۾ گرفتار ڪيل مکُ جوابدار دوسو جتوئي کان رشوت وٺي ڪري کيس ڇڏي ڏنو آھي،ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،ٻئي پاسي ايس ايڇ او احتجاج ڪندڙ سان ڳالھيون ڪري کين يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو










