نوجوانن کي بدفعلي بعد وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار گرفتار

نوجوانن کي بدفعلي بعد وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي تيموريا مان نوجوانن جي وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪندڙ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب جوابدارن کي 15 ورهين جي نوجوان جي فرياد تي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جوابدار ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، گرفتار جوابدار امتياز جي موبائيل فون مان زيادتي جون ڪيتريون ئي وڊيوز به هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ عمران، جميل، امتياز، جهانزيب ۽ منصور شامل آهن، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ڪورنگي ۾ لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران پوليس ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان 2 پستول، 2 موٽرسائيڪلون ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو