حيدرآباد (پ_ر) سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي نائب صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ علي نواز ڏاھري ۽ رام ڪولھي پنجاب جي حڪمران ٽولي پاران وفاقي حڪومت سان گڏجي پنجاب جي بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي ۽ درياءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين تي ڊيم ٺاھڻ ۽ ڪينال ڪڍڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تہ پنجاب جو حڪمران ٽولو پوين ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻندو اچي ۽ ڪنھن بہ قانون کي مڃڻ لاءِ تيار ناھي جيڪو عمل سنڌ دشمن ۽ پاڪستان دشمن آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ قابض حڪمران ٽولي جي عملن ڪري قائد اعظم جي پاڪستان کي سخت نقصان پھتو آھي ۽ اڃان وڌيڪ نقصان پھچڻ جو انديشو آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير آباد ۽ بنجر ڪري پنجاب جي ريگستان ۾ پاڻي پھچائڻ ڪھڙي دانشمندي آھي، سنڌي ھاري تحريڪ ھن عمل کي سنڌ دشمن عمل سمجھي ٿي ۽ مطالبو ٿي ڪري ت ڊيمن ۽ ڪينالن وارا منصوبا فوري طور رد ڪيا وڃن. سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ جي سخت مذمت ڪندي نگران حڪومت کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. اڳواڻن چيو تہ نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي حڪومت جي نقش قدم تي پئي ھلي سنڌ ۾ رشوت ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جي ڌم متل آھي. سنڌي ھاري تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ت يوريا ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري جو نوٽس ورتو وڃي ھارين ۽ آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.










