نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبيلن ۾ اتفاق ٿيڻ گهرجي: عباسي

نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبيلن ۾ اتفاق ٿيڻ گهرجي: عباسي

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ نون جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مفتاح اسماعيل صحيح ڪم ڪيو پر وزيراعظم ۽ پارٽي قيادت اسحاق ڊار کي ذميواري ڏني، نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبيلن ۾ اتفاق ٿيڻ گهرجي. ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي ميٽ دي ايڊيٽرز کي خطاب ڪندي شاهد خان عباسي چيو ته اسحاق ڊار جي اچڻ ۽ مفتاح اسماعيل جي وڃڻ وارو فيصلو وزيراعظم جو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته بلدياتي نظام جو سڌو سنئون عوام سان واسطو آهي، مڪاني نمائندن وٽ اختيار هئڻ گهرجن، عام طور تي بلدياتي اختيار قومي ۽ صوبائي اسيمبليون استعمال ڪنديون آهن، پرويز مشرف مڪاني نمائندن کي تمام گهڻا اختيار ڏنا ۽ اِهو تجربو ناڪام ثابت ٿيو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جواتفاق ٿيڻ گهرجي، اسان جو حڪومتي نظام ان طريقي سان نه پيو هلي، اسان کي انتظامي نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو، وفاقي آفيسرن جو تعلقي ۾ ڪهڙو ڪم.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي ملڪ کي ڪنهن اداري نقصان پهچايو آهي ته اهو نيب آهي، ڪو آفيسر اهڙي صورتحال ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، نيب ڪهڙو احتساب ڪيو؟ نيب رڳو نواز شريف کي سزا ڏياري آهي، ججن کي بليڪ ميل ڪري فيصلا ڪرايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو