نواز شريف سان ذاتي تعلق آهي، گهرائيندو ته ويندس: عباسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف سان سندس ذاتي لاڳاپا آهن، هو فون ڪندو ته هليو ويندو.ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب کانسواءِ حڪومتي نظام نٿو هلي سگهي، هي واحد ادارو آهي جنهن جو مقصد رڳو سياستدانن جو احتساب ڪرڻ آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان چيو ته هن پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هو ڪنهن به مشاورت ۾ حصو نه ٿو وٺي، سندس نواز شريف سان ذاتي تعلق آهي، جيڪڏهن هو کيس سڏيندو ته هو هليو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو