نواز شريف اهو ئي ڪري پيو جيڪو عمران خان ڪندو هو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته نواز شريف اهو ئي ڪري رهيو آهي جيڪو پي ٽي آءِ چيئرمين ڪندو هو.ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته وفاق ۾ پئسو صوبن کان گڏ ٿيندو آهي.هن چيو ته صوبن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ صوبائي خودمختياري کي رول بيڪ ڪرڻ جي سازش آهي.نثار کهڙي چيو ته سياسي پارٽين کي اقتدار جي جدوجهد ۾ آئين تي حملي جو اوزار نه بڻجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو