نوابشاهه،مسافر ڪوچ ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

نوابشاهه (ن س) نوابشاهه ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،کڏهڙ ٿاڻي جي حد ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ سبب نينگري سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا، 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا،مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ سبب جهنگ واسڻ 10ورهين جي اريب ۽ ملتان واسي 50ورهين جو جمال فوت ٿي ويا،پوليس موجب فوتين جا لاش ۽ زخمي پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيا ويا، مسافر بس پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو