ننڍپڻ کان پنجاهه سالن جو سفر بيڪار نه ويو، خالد مقبول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ننڍپڻ کان پنجاهه سالن جو سفر بيڪار نه هو.حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنور نويد جي غير موجودگي ۾ مخالفن کي ايم ڪيو ايم سان ڊيل ڪرڻ آسان ٿي ويو.ٻئي طرف متحده قومي موومينٽ جي تحت لياقت آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اڄ جي صورتحال انتهائي افسوسناڪ آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ نظام خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهيون.ان موقعي تي امين الحق چيو ته ڪراچي ۾ هڪ قومي ۽ 4 صوبائي اسيمبلين جون سيٽون وڌيون آهن، ايم ڪيو ايم اصولن جي سياست جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو