پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير علي ارباب چيو آهي ته محسن نقوي اهڙا ڪم ڪري رهيو آهي جنهن تي سياستدانن کي پشيماني ٿيندي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جا 200 کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن.شير علي ارباب جو چوڻ آهي ته هو پشتونن سان اهڙو رويو برداشت نه ڪندا.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فائرنگ حڪومت ڪئي يا ڪنهن ٻئي ڪئي، سوال پڇنداسين.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان کي ڏيکاريو ته مزدورن ڪٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي شندانا گلزار چيو آهي ته توهان اسان کي پنهنجي وطن ۾ زبردستي بيٺو ڪيو آهي، اسان مسلسل عدالتن جا چڪر لڳائي رهيا آهيون.شندنا گلزار جو چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ناهي، ملڪ ۾ مڪمل بدانتظامي هلي رهي آهي، ٻولي جي بنياد تي وڙهڻ جي ناڪامي ٿيندي.










