نصيرآباد ۾ ماءُ ڌيءَ ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري فوت

نصيرآباد (ن س)نصيرآباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي ماءُ معصوم ڌيءَ سميت ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪِري فوت ٿي وئي آهي ڳوٺاڻا سيد سلطان شاهه جي درگاهه تي سکان ڏئي واپس اچي رهيا هئا ته ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سوار 25 ورهين جي پوپري زال غلام مصطفيٰ سولنگي ۽ سندس 5 ورهين جي ڌيءَ رابيلا روڊ تي ڪِري فوت ٿي ويون فوتي عورت ۽ ٻارڙي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا ماءُ ڌيءُ جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو