نصرت سحر عباسي سياست ڇڏي ڏني، ڪينيڊا منتقل

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ لاڳيتو 3 ڀيرا عورتن جي مخصوص سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ نصرت صحر عباسي سياست کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي.نصرت سحر عباسي 2002 کا 2018 تائين مسلم ليگ فنڪشنل جي ٽڪيٽ تي 3 ڀيرا مخصوص سيٽ تي اسيمبلي ميمبر بڻجي. هو سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ عورتن مان پهرين نمبر تي آهي.نصرت سحر عباسي سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور طريقي سان اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي رهي. عوام ۽ عورتن جا مسئلا، ڪرپشن، جعلي ڀرتين سميت اهم معاملن کي اجاگر ڪيو. نصرت سحر عباسي سياست کي الوداع ڪري هاڻ ڪينيڊا منتقل ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو