نامزدگي ڪاغذ جمع،پ پ گهر آهي هر حڪم مڃينداسين ،اڳواڻ

ڏوڪري(ن س)جمعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنييئر اڳواڻن اڳوڻو ايم اين اي سردار نظير احمد خان ٻگھيو ـ اڳوڻو ايم پي سردار حزب الله خان ٻگھيو ـ نائب صدر پ پ پ ضلعو لاڙڪاڻو محمد علي خان ٻگھيو ۽ غلام مرتظي خان ٻگھيو جن جا آفيس آف دي رٽرننگ آفيسر NA-195 لاڙڪاڻو II تي فارم جمع ڪرايا. ان سان گڏوگڏ اڳوڻو ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگھيو ۽ محمد علي خان ٻگھيو جو آفيس آف دي رٽرننگ آفيسر PS-13 ڏوڪري تي پڻ فارم جمع ڪرائي ورتو ـ ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اسان جو گھر آھي ان جي ھر حڪم تي لبيڪ ڪنداسون ـ پارٽي ورڪرس , چونڊيل نمائندن جي اعتماد تي ٿورائتا آھيون ـ

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو