نامزدگي ڪاغذن جي تصديق لاءِ آن لائن سهولت سينٽر قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عام چونڊن 2024ع کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي تصديق جي سهولت لاءِ آن لائن سهولت قائم ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب آن لائن سهولت سينٽر اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڪيو ويو آهي، سهولت سينٽر کي نادرا، نيب، ايف آءِ اي، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي سهڪار حاصل آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته آن لائين سهولتي مرڪز 24/7 ڪم ڪري رهيو آهي، اميدوارن جا تفصيل ضروري ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليا پيا وڃن.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب هدايت ڪئي وئي آهي ته سيڪريٽري پاور ڊويزن ۽ سيڪريٽري پيٽروليم ڊويزن به اميدوارن جون لسٽون ريٽرننگ آفيسرن کان حاصل ڪري.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته سيڪريٽري نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ سيڪريٽري هائوسنگ به اميدوارن جون لسٽون رٽرننگ آفيسرن کان حاصل ڪن.اهڙي طرح چئني چيف سيڪريٽرين ۽ چيئرمين سي ڊي اي کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ريٽرننگ آفيسرن کان اميدوارن جون لسٽون حاصل ڪن.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اميدوارن جي لسٽ 24 ڊسمبر 2023 تي جاري ڪئي وئي آهي، ناقص اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 25 ڊسمبر کان 30 ڊسمبر تائين آر او وٽ پهچي دستاويزن جي تصديق دوران وصولي کي يقيني بڻائين.اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته سمورا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي ادارا فوري طور تي رٽرننگ آفيسرن سان رابطو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو