نئين ديري ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان قتل ،وارثن پاران انصاف جي گهر

نئون ديرو (ن س)نئون ديرو ويجهو ڳوٺ ٻانجهي گوپانگ ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ننڊ پيل همراهه کي قتل ڪري ڇڏيو آهي گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان واقعو پيش آيو، پوليس مقتول محمد حسن گوپانگ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ديرو اسپتال کڻائي آئي مقتول جي ڀاءُ ارشاد گوپانگ جو چوڻ آهي ته جوابدار ضمير، دوست محمد، شڪيل، شبير ۽ خير محمد گهر ۾ گهڙي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو ويو آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو