نئون ڪوٽ ۾ سوزڪي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر،پيرسن فوت

نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان سوزڪي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار پيرسن ٿڏي تي فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نئون ڪوٽ جي جي گنج بخش ڪالوني جو رهواسي پيرسن انب ولد کيمون ڀيل فضل ڀنڀرو کان نئون ڪوٽ طرف موٽرسائيڪل تي اچي رهيو هو رند واٽر ڀرسان موٽر سائيڪل جو سوزڪي سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنهن کي اطلاع تي علائقي واسين ڏسي لاش صحت مرڪز نئون ڪوٽ منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو