اغوا ٿي ويل ڳورهاري عورت  بازياب نه ٿي،وارثن جوا حتجاج

اغوا ٿي ويل ڳورهاري عورت بازياب نه ٿي،وارثن جوا حتجاج

مانجهند (ن س )مانجهند مان 12 ڏينهن اڳ مڙس جي عيوضي ۾ کنڀي گم ڪيل ڳورهاري عورت جي آزادي لاء حاجاڻا برادري جو 3 ڏينهن به احتجاج علامتي بک هڙتال سياسي سماجي ڌرين جي شرڪت ڪئي،تفصيل موجب مانجهند ۾ 12 ڏينهن اڳ شڪي جوابدار مڙس شير محمد حاجاڻو جي عيوضي ۾ مبينا کنڀي ڪيل 8 مهينن جي ڳورهاري گهرواري حسنا حاجاڻو جي بازيابي لاء حاجاڻا برادري طرفان 3 ڏينهن ب علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي خير محمد حاجاڻو محمد صالح حاجاڻو غلام رسول حاجاڻو ايس يو پي ڪارڪن الهڏنو انڙ جسقم جي گلشير کوسو ن ليگ اڳواڻ نزاڪت ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت 12 ڏينهن اڳ سي آء اي پوليس نواب شاه جوابدار شير محمد حاجاڻو جي عيوضي ۾ گهر تي چڙھائي ڪري سندس بي گناه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي جنهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي هوڏانهن نواب شاه پوليس مانجهند ٿاڻي تي ٽريڪٽر ٽرالي جي چوري جي اڻڄاتل جوابدارن مٿان ايف آء آر ڏيکاري ڳوٺ ڀٽ ڪاڇي ۽ ڳوٺ ابڙا ۾ مختلف گهرن تي چڙهائي ڪئي پر ڪا گرفتاري ظاهر نه ٿي سگهي ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت جوابدار جي عيوضي ۾َ هڪ وڌيڪ ڄڻي کي پوليس کنڀي وئي بک هڙتالي ڪيمپ تي ايس ٽي پي اڳواڻ گوتم چنا پهچي حمايت جو يقين ڏياريو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو