مُلڪ ۾ جمهوريت جو سج ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جي رت سان اڀريو آهي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو جمهوريت تي پختو يقين آهي.جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ جيتريون قربانيون ڏنيو آهن ان جو سڄي دنيا جي سياسي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو سج جڏهن به اڀريو آهي ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان جي شهيدن جي رت سان اڀريو آهي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ نوجوانن جو ڏينهن آهي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به نوجوان آهي، هو بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيئن نوجوانن کي اڳتي وڌايو ۽ معاشري ۾ باوقار مقام حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.هن چيو ته بلاول پنهنجي ناني شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جو فلسفو ۽ امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ خوابن جي تعبير جو جذبو آهي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت باوقار ۽ مهذب معاشري جي ضمانت آهي، هي اهڙي روشني آهي جيڪا ترقي جي منزلن جو رستو ڏيکاري ٿي، پيپلز پارٽي جمهوريت خاطر ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو