ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي سنيها ڪيسواڻي جو موت فطري قرار

خيرپور (ن س) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي سنيها ڪيسواڻي جو موت فطري قرار، وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا لاش لاش ڏهرڪي کڻائي ويا، ڪجهه دير ۾ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون، سنيها ڪيسواڻي هاسٽل ۾ شام جو ساهيڙين سان گڏ پڙهائي ڪري رهي هئي ته دل جو دورو پيو، ذريعن موجب اطلاع ملڻ باوجود انتظاميا ايمبولينس نه ڏني،سنيها کي رڪشا ۾ پهرين سول اسپتال پوءِ اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرز سندس فوتگي جي تصديق ڪئي،وارثن موجب سنيها امتحان جي تياري ڪري رهي هئي، شام جو کيس اوچتو دل جو دورو پيو، ڏهرڪي جي رهواسڻ سنيها جي اڄ سالگرهه هئي، واقعي تي ميڊيڪل ڪاليج ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو