ميڊيڪل جو پرچو آئوٽ ٿيڻ خلاف متاثر شاگردن جو احتجاج

حيدرآباد (پ_ر) ايس پي ايس سي ۾ سفارشن ۽ پئسن تي ٿيندڙ ڀرتين، تعليمي ادارن جي فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ڪي ايس پي پاليسي ذريعي سنڌي شاگردن لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا بند ڪرڻ خلاف ۽ ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ جلد کان جلد ٻيهر ڪرائڻ ۽ سنڌ جي يونيورسٽين جي گرانٽ وڌائڻ لاء سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان 29 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ شاگردن جي نڪرندڙ ريلي جون تياريون هلندڙ، ان سلسلي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي پريس سيڪريٽري حميد انقلابي ۽ مرڪزي اڳواڻ سميع ابڙي قاسم آباد دائودپوٽا لائبريري ۾ شاگردن کي ريلي جون دعوتون ڏنيون. ان موقعي تي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته ايس پي ايس سي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي غريب شاگردن جي حق تي ڌاڙا هنيا آهن. پئسن عيوض سيٽون وڪرو ڪري ايس پي ايس سي اهل شاگردن سان ناانصافي ڪئي آهي. يونيورسٽين ۾ گرانٽ وڌائي يونيورسٽين کي معاشي بحران مان ڪڍيو وڃي. يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ گهٽتائي سبب شاگردن تي ڳاٽي ٽوڙ فيسن جو بار وڌو وڃي ٿو. هر سال هزارين روپيا فيون وڌايون وڃن ٿيون جنهن سبب غريب شاگرد تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. ٻي پاسي ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ ۽ پرچو آئوٽ ڪندڙ ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف ۽ جلد ميڊيڪل ٽيسٽ جي لاءِ متاثر شاگردن جي طرفان حيدرآباد ۾ ڪيل احتجاج ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي پريس سيڪريٽري حميد انقلابي، سميع ابڙو شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته ميڊيڪل ٽيسٽ جي تاريخ جلد ڏيڻ سان گڏ پرچو آئوٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو