حيدرآباد (ن س ) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، نوروز ڪلمتي ۽ سميع ابڙي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ميونسپل ۽ ٽائون آفيسر جي نتيجن کي رد ڪيون ٿا. محنت سان پاس ٿيل غريب شاگردن کي انٽرويو ۾ فيل ڪري، ڪروڙين روپيا ڀريندڙن کي پاس ڪيو ويو آهي جيڪا سنئين سڌي ميرٽ جي لتاڙ آهي. پيپلز پارٽي جي مهرباني سان سنڌ جي نوجوانن جي آخري اميد سمجهيو ويندڙ ادارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به مڪمل ڪرپشن جي ور چڙهي ويو. سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿيندڙن کي فيل ڄاڻائڻ سبب سنڌ جي نوجوانن ۾ سخت مايوسي جي لهر ڇانيل آهي. پ پ پ جي 15 سالا دور ۾ سنڌ جي هر اداري کي ڪرپٽ بڻايو ويو. اڳواڻن چيو ته اميدوارن کان ٿيندڙ انٽرويو لائيو ڏيکاريو وڃي ته جيئن ڪنهن به نوجوان سان ناانصافي نٿي سگهي. سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن جي نگراني ۾ ڪميٽي جوڙي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي وڪري جو وکر بڻائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٽائون ۽ ميونسپل آفيسر ۾ سٺا نمبر کڻندڙ غريب شاگردن کي انٽرويو ۾ فيل ڪري ڪروڙين روپيا ڀريندڙن کي پاس ڪرڻ، ايم ڊي ڪيٽ جي پرچي آئوٽ ٿيڻ، سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائڻ ذريعي شاگردن جو قتل عام، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي پاليسي، هيڪ طرفان سنڌ جي يونيورسٽين کي گرانٽ نه ڏيڻ، داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ ۾ گريڊ جي شرط، سمورين يونيورسٽين ۾ شاگردن کي مفت هاسٽلون نه ڏيڻ ۽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪن تي شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ خلاف 29 آڪٽوبر تي اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي
