ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ميرپور ساڪرو جو صوبائي تڪ ختم ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي سسئي پليجو پاران ناليواري قانوندان شهاب اوستو معرفت اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي سسئي پليجو پٽيشن ۾ چيو آهي ته ساڪرو تڪ کي ختم ڪرڻ جو ڪو به قانوني ۽ آئيني جواز موجود نه آهي هن جو چوڻ آهي ته تڪ ختم ڪرڻ سان عوام جي مفادن کي نقصاسن رسندو، اليڪشن ڪميشن کي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي
