ميانوالي (ويب ڊيسڪ)ميانوالي ۾ سيڪيورٽي فورسز ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، سي ٽي ڊي ترجمان موجب، دهشتگردن سان فائرنگ جو تبادلو ٿيو جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 فرار ٿي ويا، ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان رائفلون، 3 دستي بم، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.










