ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ڪياماڙي ضلعي مان ناميشن فارمز کي سٽي ڪورٽ اليڪشن ٽربونل اولهه ۾ چئلينج ڪيو ويو. يوسي 3 ماڙي مان جماعت اسلامي جي چيئرمين جي اميدوار محمد حسين درخواست داخل ڪئي. جنهن ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته مرتضيٰ وهاب يوسي 3 جو ووٽر آهي. ۽ نه ئي رهواسي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ريٽرنگ آفيسر پاران مرتضيٰ وهاب جي نامينيشن فارمن جي منظوري غير قانوني آهي. سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 ع مطابق اميدوار جو وارڊ يا ڪائونسل ۾رجسٽرڊ ووٽر هجڻ ضروري آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آر او کي اعتراض کان آگاهه ڪيو پر رٽرنگ آفيسر ڪارروائي نه ڪئي. اليڪشن ڪميشن ريٽرنگ آفيسر جي غير قانوني قدم کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ مرتضيٰ وهاب جي نامينيشن جي فارم کي رد ڪيو وڃي. ان کان سواءِ تحريڪ انصاف به مرتضيٰ وهاب جا ڪياماڙي ضلعي مان نامينيشن فارم چئلينج ڪري ڇڏيا. پي ٽي آءِ جي يوسي 3، ماڙي پور جي 2 اميدوارن اليڪشن ٽربيونل سان رجوع ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان فاران سردار ايڊووڪيٽ چيو ته مرتضيٰ وهاب ڪياماڙي ضلعي مان مڪاني اليڪشن ۾حصو وٺڻ جو اهل ناهي. مڪاني قانون مطابق اميدوار لاءِ لاڳاپيل ڪائونسل جو رجسٽرڊ ووٽر هجڻ لازمي آهي. فاران سردارايڊووڪيٽ چيو ته مرتضيٰ وهاب جي نامينيشن فارمز مطابق ان جو پتو ڏکڻ ضلعي جو آهي. اپيل آهي ته مرتضيٰ وهاب جا ڪياماڙي ضلعي مان ضمني اليڪشن جا نامينيش فارم رد ڪيا وڃن.
