ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ورلڊ بينڪ جي وفد سان چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات ڪري مختلف گڏيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ جوزف ۽ فرحان سميع شامل هئا جڏهن تہ اجلاس ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان، پي ڊي ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي عبالعلا ڀٽي، ڊي جي پي پي موڊ اسد ضامن، ڊي ايم ڊي پلاننگ محمد ايوب شيخ، ڊي ايم ڊي آر آر جي سيد عمران زيدي، ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي شڪيل قريشي ۽ سيڪريٽري بورڊ زهرا دستگير موجود ھئا، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ورلڊ بينڪ جي وفد پاران شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ميئر ڪراچي جي ڪوششن کي ساراهيو، ملاقات دوران ورلڊ بئنڪ جي وفد پاران ميئر ڪراچي کي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام جي بهتري لاءِ ڀرپور تعاون جو يقين پڻ ڏياريو، ان موقعي تي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جي گڏيل سهڪار سان واٽر ڪارپوريشن ۾ سڌارن تحت وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، هن چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ ڪافي بهتري ايندي، ان کان اڳ ورلڊ بئنڪ جي وفد هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر واٽر ڪارپوريشن جو تفصيلي معائنو ۽ جائزو پڻ ورتو، دوري جي موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن ورلڊ بئنڪ جي وفد کي واٽر ڪارپوريشن ۾ ڪيل سڌارن سميت هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي وفد پاران هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر جي قيام سميت واٽر ڪارپوريشن ۾ آندل ٻين سڌارن تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
