مولانا جو جيترو شڪريو ادا ڪريان گهٽ آهي ، آئيني ترميم مبارڪ

مولانا جو جيترو شڪريو ادا ڪريان گهٽ آهي ، آئيني ترميم مبارڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 26هين آئيني ترميم جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظوري کان اڳ سڀني کي مبارڪباد ڏني آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، 26هين آئيني ترميم تي اوهان سڀني کي مبارڪون هجن.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، مان مولانا صاحب جو شڪر گذار آهيان، جي يو آءِ آئيني ترميم جي مسودي تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.سندس چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان پارٽي سينيٽرن کي اجلاس ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي آهي، جي يو آءِ جا سينيٽر پارليامينٽ هائوس پهچي ويا آهن.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ هر فورم استعمال ڪيو پر ترميم تي هڪ لفظ به نه ڳالهايو، پوءِ به پي ٽي آءِ کي گذارش آهي ته قومي مفاد ۾ ان ترميم جي حمايت ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ ميمبرن ڪميٽي ۽ اجلاسن ۾ اتفاق راءِ جو اظهار ڪيو، پي ٽي آءِ جو رد عمل آهي منهنجي ۽ مولانا جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ ڏاڍو ڏک ٿيو.هن چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪو به اختلافي نقطو نه بچيو آهي، مولانا جو جيترو شڪريو ادا ڪريان اهو ڪافي ناهي، تاريخ مولانا جي ڪردار کي ياد رکندي، پنهنجي سينيٽرن کي هدايتون ڏيڻ تي سندس شڪر گذار آهيان.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس منصور علي شاهه پاڻ سينيئرٽي سان ميرٽ جي ڳالهه ڪئي، هڪ جج مون کي ۽ آصفه بي بي کي اهڙو انصاف ڏنو جيڪو ڪير به نه ڏئي سگهيو، هن جج پرويز مشرف کي سزا ڏني. فيض آباد ڌرڻي جو فيصلو ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ اسان سان گڏ آهي يا نه، اڄ پوري ڪوشش ڪنداسين ته ان ٽاسڪ کي پورو ڪري سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو