مهانگائي،لاقونيت سميت ٻين مسئلن تي سنڌ جا ماڻهو جدوجهد ڪن

مهانگائي،لاقونيت سميت ٻين مسئلن تي سنڌ جا ماڻهو جدوجهد ڪن

نوشھرو فيروز (ن س )جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چئيرمين رياض چانڊيو وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي جي مورو پھچڻ تي سندس پارٽي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ شھرين سندن جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي جنھن کانپوءِ ريلي جي صورت ۾ مورو باءِ پاس کان مورو شھر جي شاھي بازار تائين ريلي ڪڍي وئي جتي مذڪورا اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر ڌاڙيلن رھزنن ۽ لاقانونيت، مھنگائي، وسيلن جي ڦرلٽ، قومي ڪارڪنن جي گمشدگي، مظلوم نياڻي فاطما ڦرڙو، شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي جدوجھد ڪرڻي پوندي ته جيئن سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو خاتمو ٿي سگھي ھنن چيو ته سنڌ ۾ سازش تحت اھڙي صورتحال پيدا ڪري ڌاريا ۽ رھزن سنڌ تي ھاوي ٿيڻ چاھين ٿا ۽ سنڌ جي ماڻھن کي وڌيڪ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ چاھين ٿا جنهن لاءِ سنڌ جا ماڻھون پنهنجي سڄڻ ۽ دشمن جي پرک ڪري متحد ٿي سنڌ دشمن منصوبن خلاف مزاحمت جو رستو اختيار ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو